مقصودو رند (رپورٽ: بهادر رند) مقصودو رند لڳ 8 سالن جي معصوم نينگري ماروي ڀيل سان ٿيل زيادتي جي تصديق، پوليس جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ٻارڙيءَ کي بيهوشي جا دورا، جوابدار عدالت ۾ پيش، عدالت جوابدار کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. مقصودورند لڳ درگاھ سلطان فقير اسٽاپ وٽ 8 سالن جي يتيم نينگري ماروي ڀيل سان جوابدار نيوو ڪولهي زيادتي ڪئي، نينگري جي رڙين تي علائقي واسين جوابدار 30 سالن جي نيوو ڪولهي کي پڪڙي سخت تشدد بعد پوليس حوالي ڪيو هو جنھن بعد پوليس جوابدار کي لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ متاثر نينگريءَ کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري سِمس اسپتال شهدادپور منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن طرفان زيادتي جي تصديق ڪئي وئي. ڊاڪٽرن موجب زيادتي سبب معصوم نينگري جي حالت انتهائي خراب آهي کيس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. جڏھن ته ٻيون رپورٽون ڊي اين اي لاءِ موڪليون ويون آهن. معصوم نينگريءَ کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي رهيا آهن. دريا خان ايٽ مقصودو رند پوليس نينگري جي ڏاڏي نيچل ڀيل جي فرياد تي زيادتي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت سڳوري جوابدار کي 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي معصوم يتيم نينگري پنهنجي پيءُ تيغيو ڀيل جي وفات بعد پنهنجي ڏاڏي نيچل عرف نيچو وٽ رهندي آهي.