ٽنڊو آدم (ن پ ا ) ٽنڊو آدم تعلقي اسپتال لڳ 12 هزار وولٽ جون تارون ڪرڻ سبب فوت ٿي ويل هڪ ئي گهر جي ٽن ڀاتين عبدلحڪيم ڇٽو، سندس پٽ غلام قادر ڇٽو ۽ پوٽو جاويد ڇٽو ولد غلام قادر ڇٽو جي ڪيس ۾ گرفتار حيسڪو اڏيرو لعل سب ڊويزن جي ايس ڊي او غياث الدين شيخ ۽ ايل ايس امام بخش مشوري کي سٽي پوليس ريمانڊ لاءِ سول جج ٽنڊو آدم جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ٻنهي جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد پوليس عدالتي حڪم تي ٻنهي جوابدارن کي سب جيل ٽنڊو آدم حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج سانگهڙ جي عدالت ساڳئي ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايڪسئين حيسڪو ٽنڊوآدم عزيز ڀٽو جي وڪيل پاران گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي جنهن تي عدالت هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض سندس ضمانت منظور ڪئي.