نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو ڀرسان گهر مان چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي زميندار قتل، پوليس مقتول جي ٻن هارين کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو، ڪيس داخل نه ٿيو. خبر موجب ڳوٺ شيران پور ۾ نامعلوم چور گهر ۾ گهڙي مينهون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ڀاڳيو سجاڳ ٿي پيو، جنهن مزاحمت ڪئي ته هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي 65 ورهين جو زميندار محمد علي جروار ٿڏي تي قتل ٿي ويو، واقعي جي اطلاع تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پوليس پهچي مقتول جو لاش نئون ديرو اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا. ان ڏس ۾ مقتول جي پوٽي راول جروار ٻڌايو ته رات دير سان نامعلوم چورن گهر ۾ گهڙي مينهون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏاڏي مزاحمت ڪئي، جنهن تي هٿياربندن کيس قتل ڪري ڇڏيو. صبح سوير ڳوٺاڻن ڳڙهي خدابخش پوليس سان گڏ چورن جو پيرو کنيو، جيڪو وسند شاخ وٽ گم ٿي ويو، جنهن بعد کوجي ڪتا گهرائي چورن جو پيرو ٻيهر کڻايو ويو، ڪتا ڪوريجا ڳوٺ ٻاهران هوٽل وٽ ويهي رهيا، جنهن بعد پوليس واپس موٽي آئي. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول محمد علي جروار شھدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گل محمد جروار جو رهواسي هو، جيڪو شيرانپور ۾ پنهنجي زمين تي گهر اڏي سار سنڀال ڪندو هو، پوليس مقتول جي ٻن هارين ياسين شيخ ۽ عبدالفتاح لانگاهه کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.