سنجهورو (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار ۾ خبر هلڻ کانپوءِ تشدد ڪندڙ زميندار طرفان معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ مقامي زميندار جي مدد سان متاثر ڌر کي فيصلي لاءِ راضي ڪري فيصلو حرجماعت جي خليفي ۽ ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي جي سرپئنچي ۾ رکرايو ويو، گاهه لڻڻ تي تشدد جو شڪار ڀيل برادري جي عورتن مايا زال ارجن ڀيل ۽ اميا زال چنو ڀيل جي ڀاءُ ڪرشن ڀيل ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته فيصلو جي ڊي اي جي ايم پي اي وريام فقير جي بنگلي تي سندس نگراني ۾ ٿيو، جنهن ۾ ايم پي اي صاحب اسان جو موقف چڱي طرح ٻڌڻ بدران منهنجي ڀينرن تي تشدد ڪندڙ ڌر جي ونگار وهندي اسانکي ڏوهي قرار ڏيندي چيو ته توهان جون عورتون پرائي ٻنيءَ ۾ گاهه ڪرڻ لاءِ ڇالاءِ ويون؟ ان ڪري توهان ڏوهي آھيو، ڪرشن ڀيل ٻڌايو ته اسان ايم پي اي صاحب کي چيو ته محض گاھ لڻڻ تي اسان جي عورتن تي تشدد ٿيو آھي ۽ سندن تذليل ڪئي وئي آھي، تنهن تي ايم پي اي چيو ته تشدد ڪندڙ مقامي زميندار توهان جي تڏي تي هلي ايندو ۽ توهان معاملي کي ختم ڪري ڏيو. هن ٻڌايو ته اسان جنهن زميندار جي ٻنيءَ ۾ ويٺل آھيون انجي ڪري فيصلو مڃڻ تي مجبور ٿياسين، غريب مسڪين ماڻھو آھيون انڪار ڪيون ها ته زميندار لڏائي ڇڏي ها.