مقصودو رند ۾ مينهون رند ڪرڪيٽ ميچ کٽي ورتي

0
279

مقصودو رند (ن پ ا) مقصودو رند ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 30ھين ميچ ۾ حاجي مينھون خان رند اليون ۽ شاھ مردان آباد اليون آمھون سامھون ٿيون. ميچ ۾ شاھ مردان آباد اليون پهريان کيڏندي 15 اوورن ۾ جلال منگي جي 81 رنز جي مدد سان 159 رنز ٺاهيون. جواب ۾ حاجي مينھون خان رند اليون راشد علي رند جي 54رنسن جي مدد سان ٽارگيٽ حاصل ڪري ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. مينھون رند اليون جي راشد علي رند کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي سالم شير رند، حسين بخش رند، ناظم حسين رند ڪامياب ٽيم جي رانديگرن کي انعام ڏنا.