ايندڙ سال پاڪستان اهم ملڪن جي ميزباني لاءِ تيار آهي: احسان ماني

0
353

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جَي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته 2022ع پي سي بي لاءِ اهم ثابت ٿيندو، نئين سال ۾ پاڪستان جون سموريون سيريز ملڪ ۾ ئي ٿينديون. احسان ماني چيو ته ايندڙ سال نيوزيلينڊ، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ آسٽريليا جي ميزباني ڪرڻي آهي. پي ايس ايل 2021 جي ڪامياب پڄاڻي جي حوالي سان چيو ته تماشائين کانسواءِ ڪوبه ايونٽ مڪمل ناهي ٿيندو، تماشائين جي کوٽ محسوس ڪئي، سمورين فرنچائزز بهترين ساٿ ڏنو، ايندڙ سال جي ايڊيشن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي.