مقدس مخلوق جو لاڏلو ۽ “وار اگينسٽ اسٽيٽ”

0
140
مقدس مخلوق جو لاڏلو ۽ “وار اگينسٽ اسٽيٽ”

رياستي ڍانچو ۽ حڪومتي انتظام پوريءَ طرح ناڪاميءَ جي آخري حدن تي پهچڻ وارو آھي. سڄو ملڪ ۽ آئين توڙي سلامتيءَ جا ادارا صرف هڪ شخص جي غلط بياني ۽ چرٻ زبانيءَ جو شڪار ٿي ڄڻ ته اچي انارڪي يا ڇڙواڳيءَ جي انتها تي پهتا آھن. اسان جو اصل مسئلو رڳو ڪوڙي تاريخ پڙھائڻ ڪونهي پر ڪوڙي تاريخ لکڻ به آھي. انهيءَ “نيڪ مقصد” حاصل ڪرڻ لاءِ پراجيڪٽ عمران خان 2011ع کان ئي شروع ڪيو ويو.

                 پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽرن جي سُڃاڻپ کان شروع ڏينهن کان سجاڳ صحافي ۽ سڄاڻ ڌريون واقف هيون پر ڳجهن هٿن کي مقدس ھستيءَ طور برقرار رکڻ لاءِ ضروري هو ته توهين جون تعزيرون لڳائي زوريءَ ادب ڪرايو وڃي. ڪجھ عرصي تائين ڪم علميءَ ۽ ميڊيا جي ٿورائي يا زبان بنديءَ سبب اٻوجھ عوام نالي ٻڌڻ سان ئي هٿ ادب جا ٻڌي اکيون هيٺ ڪري صفا بت بنجڻ لاء ھر وقت تيار هو. انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب ۽ سمارٽ فون جي ڀرمار کان پوءِ پنڊ پهڻ بنيل عوام کي آگاهي ٿي ته پنهنجي نادانين ۽ بد ديانتين سبب سدائين نشاني تي رهندڙ سياستدانن سميت سڀ  پٿر جا صنم به هن مقدس آدرشن جي ديس جي حمام ۾ وڌيڪ نه ته به اوترائي بي لباس ٿي ويا آھن، رهيل ڪسر توشه خانه جي گنگا مان شنان ڪندڙن جا نالا اچڻ کان پوءِ پوري ٿي ويئي آھي.

اسان کي آئيڊيل جمهوريت بانين به قائم ڪري نه ڏني هئي. 1956ع  ۾ پهريون آئين  ٺھڻ ۽ انگريز سرڪار جي 1935ع واري ايڪٽ جي قيد مان نڪري جمهوريه بنجڻ تائين اسان سان گڏ آزاد ٿيندڙ “ناپاڪ” ملڪ ۾ ٽي پارليامينٽس چونڊجي چڪيون هيون پر ان هوندي به موجوده لاقانونيت، بي تهذيبي ۽ فاشسٽ رجحان ٽن وڏين آمريتن ۾ به نظر نه آيا هئا. اڄ ھن اسلامي جمهوريه سمجهيل ملڪ ۾ پارليامينٽ ۽ سياستدان ته پيا کڏ جي تري ۾ پر اعليٰ عدليه, دفاعي ادارن جا اعليٰ عهديدار، طاقتور حساس ادارن جا هاءِ رينڪنگ عملدار، اليڪشن ڪميشن، پوليس ۽ ٻين سويلين ادارن سان گڏ آزاد خيال ليکڪ ۽ صحافين جي به عزت محفوظ ناهي رهي. هڪ شخص جيڪو نه ته سياستدان آھي ۽ نه ئي ڪو مدبر انسان آھي، بلڪه خود به تسليم ڪري ٿو ته هو ‘پلي بوائي’ هو. ان سڄي رياستي مشينري ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي بيوس بنائي، ڄڻ ته هن ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته هو ملڪي نظام، عدالتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان وڌيڪ طاقتور آھي. سندس مرضيءَ تي منحصر آھي ته ڪنهن به عدالت، اليڪشن ڪميشن يا سرڪاري ايجنسي جي سڏڻ تي يا نوٽيس تي وڃي ته وڃي پر ائين نه ڪري ته ڪو عدالتي سمن ته ڇا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاريءَ جي وارنٽ هوندي به سڄي پنجاب ۽ اسلام آباد جي پوليس به کيس مجبور نٿي ڪري سگهي. سڄي قوم جي هر طرح جي سياسي وابستگيءَ وارو سمجهدار شھري سمجهي ٿو ته هن دادلي پٽ کي ‘لاڏلو’ ڪنهن ۽ ڪيئن ٺاهيو!

گذريل اپريل ۾ آيل بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽڻ کان پوءِ قوم سان ويساھ گهاتي ڪندڙ ڪردار جڏهن حصي پتي تان جهيڙيندڙ چورن وانگر هڪٻئي تي شاهد ٿي بيٺا ته خبر پئي ته هن ملڪ کي هائيءَ ۾ ھڻندڙ رياست جا ذميوار مُک شخص ۽ ذميوار ادارا آھن. سابق فوجي سربراھ سڀ ڪم ڪري وڃڻ مهل پنهنجي قائم مقامن کي غير سياسي ٿيڻ جي نصيحت اهڙي ته اعتماد سان ڪئي، ڄڻ ته رٽائرمينٽ کان پوءِ به حڪم سندس هلندو هوندو. ان کان پوءِ جهوليءَ جي نانگ جنهن نموني پنهنجي “خالق محسنن” جا کنڌا کڻي ڏنا، تن مان ان جا اهي مخالف به محظوظ ٿيڻ کان رهي نه سگهيا، جيڪي اندر ۾ باھ ھوندي به چپ رهڻ تي مجبور ڪيا ويا هئا. چوندا آھن ته وڙھن چور، ڀلو ٿئي ڀاڳين جو پر ھِي بدنصيب ڪنگال قوم وقتي سرور جي باوجود ملڪ کي سُڌرندي نه ڏسي سگهي، ان جو هڪ سبب ته شھباز شريف جي ڪمزور ترين، ۽ غير متحد متحده حڪومت آھي. ٻيو ته فاشسٽ سوچ جي مالڪ ڇڙواڳ ۽ چوويھ ئي ڪلاڪ مين اسٽريم توڙي سوشل ميڊيا تي موجود گوئبلز جي مريد جي لاڳيتي ڦيڪاري سبب ملڪ نه سياسي، نه معاشي ۽ نه ئي بين الاقوامي سطح تي استحڪام حاصل ڪري سگهيو آھي.

آءِ ايم ايف لاڳيتين انحرافين کان ڇِرڪي ڪا ڳالھ مڃي ئي نٿو. ان کان به وڌيڪ غير يقيني ۽ سياسي عدم استحڪام واري صورتحال عام خيال موجب مخصوص جج حضرات ۽ نالي چڙھين خاص عدالتي بينچن پيدا ڪئي آھي. بقول شاهد خاقان عباسيءَ جي ته، “عدليه آئين نه، پنهنجي مرضيءَ سان ڪم ڪندي آھي.” مفتاح اسماعيل چوي ٿو ته، “ڪڏهن ڊاڪٽرائين، ڪڏهن جج هم خيال ٿيندا آھن، فوج ۽ عدليه پنهنجو ڪم ڪن ته بهتري ايندي.” ڳالھ ته سئو پئسا سچ آھي پر شينهن کي ڪير چوي ته جهنگل جا بادشاھ، توهان جي وات ۾ بدبوءِ آھي! گهڻن مبصرن جي پڪي پختي راءِ آھي ته جاري بحران جو تازو بنياد سپريم ڪورٽ طرفان صدارتي ريفرنس ۾ آئين جي آرٽيڪل 63 A جي تشريح بدران ترميم ڪرڻ آھي، جنهن بابت اپيل به ٻڌڻ لاء مقرر ئي نٿي ٿئي. ان کان اڳ 25 مئي 2022ع تي عمران خان واضح طور تي سپريم ڪورٽ جي توهين ڪئي پر موجوده بابا رحمتي پاڻ وضاحتون ڏيندي ان تي ڪو فيصلو نه پيو ڪرائي. گهڻو پوئتي وڃون ته اڄڪلھ  مريم نواز جي نشاني تي آيل چئن پنجن چڱن فيض آباد جي ڌرڻي جي پٺڀرائي ڪئي. 2014ع ۾ پي ٽي آءِ جي انٽرٽينمنٽ سان ڀرپور 126 روزه ڌرڻي جي مڪمل رکوالي ڪئي وئي ۽ چڱي ڀلي مستحڪم معيشت واري نواز شريف جي حڪومت کي ڊاهي پراجيڪٽ عمران تي عمل ڪرائيندڙن 2018ع ۾ کيس ڏھن سالن جي سزا به ڏني، سڄي عمر لاءِ نااهل به ڪيو ته پارٽي صدارت کان به محروم ڪيو. انصاف جي رکوالن سِسيلِين مافيا جهڙا لقب به ڏنا ته پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي بليڪ ڊڪشنري جو سهارو وٺي ظاهر ۾ آئين ۽ قانون جي نالي تي شھيد ڀٽي جي عدالتي قتل کان پوء عام سوچ موجب ھڪ ٻيو سياسي ۽ آئيني قتل ڪيو. ڊان ليڪس ۽ ٻين رازن تان پردي کڄڻ کان پوءِ پتو پوڻ لڳو آھي ته ايتريون سختيون رڳو عهدن جي مدت ۾ واڌ نه ملڻ تي ڪيون پئي ويون.

عوام سمجهي پيو ته ملڪي سياست ۽ سماجيت ۾ ڌڙابندي ۽ پولرائيزيشن ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، سچ آھي پر ڇا ويجهڙائيءَ ۾ ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت جي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت چيف صاحب جي ازخود نوٽيس وٺڻ کان پوء جي اختلافن اعليٰ عدليه جي ججن جي مقرريءَ يا ريفرنسز ٻڌڻ لاءِ منعقد ٿيل سپريم جڊيشل ڪائونسل ۽ جڊيشل ڪميشن اجلاسن کان پوء پبلڪ ٿيل اختلاف جڊيشري ۾ به  ساڳي ڇڪتاڻ جو واضح اظھار ناهن؟ زمان پارڪ لاهور ۾ عدالتي حڪم تي عمل ڪرائيندڙ پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس جي هٿين خالي پوليس وارن جو جيڪو حشر گنڊاپور جي غنڊن، تربيت يافته فورس، ٽڪيٽ جي خواهشمند چوڌرين جي پالتو لاٺڙين ۽ ممڪنه طور تي اقبال خان جهڙن اتحادي ويڙهاڪن جي 8 فوٽ ڊگھن ڏنڊن،  پٿرن ۽ پٿر جي گولن واري غُليلي جي بمن سان ڪيو ويو. هڪ عيني شاهد صحافي سيال صاحب جي تجزئي مطابق ته ڪٿي اها شعوري شڪست نه هجي ته ڀلي هيرو جو فاتحانه ڪردار قائم رهي. سٺ کن پوليس وارا زخمي ٿي اسپتال پهچن پر سياسي ڪارڪن پاڻيءَ جي توپن ۽ ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جي استعمال باوجود سوڀارا ٿي وڃن، اهو ممڪن ته نه هو. ڇا اها به ڪا ادارتي پولرائيزيشن آھي؟

هن خطي ۾ گانڌي کان وٺي ڀٽي شھيد تائين، فيض احمد فيض کان مشرق جي نياڻي بينظير شھيد تائين سياسي ليڊر ۽ ڪارڪن ڪڏندي، مرڪندي، وڪٽري جا نشان ٺاهيندي جيلن ۾ وڃڻ کي اضافي ڊگري سمجهندا آھن. اهو سبق سکڻو هجي ته عمران جي چڙ، آصف زرداري کان سکي وٺي. نيلسن منڊيلا جو مثال هتي ننڍن ماڻھن لاء ٺھي نٿو. فرقه ۽ توهم پرست CULT ليڊر بنڪرن ۾ گُھٽجي، سائنائيڊ ڳيهي پسٽل سان خود ڪشي ته ڪندا آھن پر جيل جي صعوبت برداشت نه ڪري سگهندا. سڄي آڪڙ جي باوجود اهڙا ماڻھو ڪانئر ۽ ڊڄڻا هوندا آھن. حقيقت ۾ ھِيءَ وار اگينسٽ اسٽيٽ آھي پر 13 جماعتن جو سرواڻ وزير اعظم لاهور جي جلڻ تي نِيرؤَ جھڙي بانسري به وڄائي ڪونه ٿو ڄاڻي.

هي شخص سڄي دنيا جي ميڊيا کي پنهنجو وکر وڪڻي پيو، حڪومت وٽ سڀ وسيلا هوندي به ميڊيا مئنيجمينٽ به ڪانهي. سسٽم جو اهو حال آھي ته صدر جي ڪرسي سيڙائيندڙ شخص جيڪي ڳالهيون ياسمين راشد سان ڪري پيو، ان مان ته لڳي ٿو ته پي ٽي آء وارا سڀ شوقين اڳواڻ به رضيه وانگر غنڊن ۾ ڦاسي چڪا آھن. بقول ڊاڪٽر ياسمين راشد جي ته، خان چوي ٿو ته هيترا ڪي هيترا لاٺڙيا وٺي جيڪو اميدوار پهري تي نه پهتو، ان کي ٽڪيٽ نه ملندي. پوليس تي پيٽرول بمن سان حملو ڪرڻ Warfare آھي. رياست جي رٽ به چيلينج ٿي آھي ته ائٽمي طاقت جي عالمي ساک به بدنام ٿي آھي. انهن افعالن سان اسان ٽي ٽي پي وارن کي ڪيئن منهن ڏينداسين؟

لاهور جي مهربان عدالت جي مهربان جج عدالتي دائره اختيار نه هوندي به پٿرن ۽ لٺين سان ساٺيڪو پوليس عملي کي زخمي ڪندڙ تربيت يافته غنڊن يا سندن سرغنه کي ته جنگبنديءَ لاء به نه چيو پر پوليس کي پابند ڪيو ته چار دفعا توشه خانه جي ڪيس ۾ غير حاضر رهندڙ اشتهاري کي پهرين خميس ڏينهن ڏھ وڳي ۽ هاڻي جمعي تائين هٿ نه لڳائڻ جو حڪم صادر ڪيو آھي. من ڇو نه وڌي!؟ هاڻي ته 1973 جي متفقه ۽ عزت لائق آئين تان به ويساھ  کڄندو پيو وڃي، ڇو ته رياست جي پيرن هيٺان واري ڳرندي پئي وڃي. ان آئين تي عمل آئين ساز، آئين جا خود ساخته محافظ، آئين تي عمل درآمد ڪرائيندڙ ادارا به ڪونه پيا ڪن ته پوءِ عام شھري ۽ دهشتگرد ڏوهارين تي ڪهڙي ميار!؟ شڪ نه پر پڪ سان وقت اچي ويو آھي ته نئون سماجي عهدنامو يا Social Contract تي اتفاق ڪجي، جنهن ۾ سڀ شھري برابر هجن، ڪا مقدس ڳئون به نه هجي، ته ڪو ڀوپو، جادوگر، اوتار يا ديوتا به نه هجي، نه ته هي گھڻ قومي پر ڪثرت سان مسئلن ۾ وڪوڙيل ملڪ انهيءَ مقدس مخلوق جو بار کڻي نه سگهندو. ڏيوالو نڪري چڪو آھي، رڳو مڃڻ جي دير آھي. باقي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ جي فيصلن کان پوءِ به جيڪڏهن ڪو گرفتاري نٿو ڏئي ته بنڪر واري انجام تي پهچڻ ڏيوس!

[email protected]