عمران  رياستي نظام کي وائکو ڪيو آھي

0
495
عمران  رياستي نظام کي وائکو ڪيو آھي

 ھن کي راندين، اداڪاري ۽ موسيقي سان بي انتھا لڳاءُ ھو، سندس ھار جي باوجود جڏھن کيس کٽرايو ويندو ھو تہ رياستي محصول بہ معاف ڪري ڇڏيندو ھو، ھن جي ماءُ بادشاہ جي چوٿين گھر واري ھئي، عورت جي عشق ۾ مبتلا بادشاہ پنھنجي گھر واري جي اڳ ڄائي پٽ کي اپنايو، رياست ۾ ڪنھن نہ ٿي ڄاتو تہ چوٿين گھر واريءَ جو پٽ پنھنجي ويڳي پيءُ کي قتل ڪري 17 سالن جي عمر ۾ تخت نشين ٿيندو، ايترو ئي نہ پر ھن پنھنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ پنھنجي سڳي ڀاءُ کي قتل ڪرائي ڇڏيو ھو،

                 ھن وٽ پنھنجي ذات کان مٿانھون ڪجھہ بہ نہ ھئو. ھو پنھنجي واکاڻ جو جنون جي حد تائين قائل ھو. سندس تخت تي جڏھن قبضو ڪيو ويو تہ ان وقت بہ ھو راندين ۾ ۽ پنھنجي فنڪاري ۾ مشغول ھو، جيتوڻيڪ ڊرونڊ ول پنھنجي ڪتاب ۾ روم جي سڙڻ ۽ ھن جي بانسري وڄائڻ واري ڳالھ کي ھٿ ٺوڪي لکي ٿو پر ان ڳالھ کان روم جي تاريخ گواھ آھي. سندس نرگسي طبيعت نہ صرف ھن کان روم جو تخت کسيو پر سندس زندگي پڻ. جي بلڪل اوھان کي اندازو ٿي ويو ھوندو تہ آئون روم جي بادشاھ نيرو جو حوالو ڏيئي رھيو آھي، ساڳيو ئي حال اسان جي حڪمرانن ۽ سياستدانن جو آھي، تخت جي نشي ۾ مخمور ۽ نرگسي طبعيت رکندڙ ھي طبقو قانون بہ پاڻ آھي تہ قانون کان بالاتر بہ پاڻ آھي،

ماضي قريب ڪنھن کي ياد ھجي تہ اھو بہ وقت ھوندو ھو جيڪڏھن بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ جو ذڪر ڪنھن منچ تان ڪيو ويندو ھو، پوءِ اھو منچ ادبي و تاريخي مناظري جي لاءِ ھجي يا ڪنھن يونيورسٽي و ڪاليج ۾ ڪو ٿيندڙ سيمينار. انھن منتظمين کي وطن سان غداري جو الزام ڏنو ويندو ھو پر تقرير ڪندڙ شخصيتن تي ڪيس ھلائي کين کنڀي گم ڪيو ويندو ھو، ان کان پوءِ ملڪ ۾ موجود سگھاري طاقت اسٽيبلشمينٽ تي جيڪڏھن حڪمران ۽ سياسي طبقي مان ڪير ڳالھائيندو ھو تہ اھو بہ ڳولي نہ لڀندو ھو،

 2008ع کانپوءِ عمران خان جي ٽڪراءَ واري سياست کانپوءِ جيترو ملڪي سلامتي جو ڀرم وائکو ٿيو، ان جو يقينن سڄو ڪريڊٽ عمران خان جي سياست ڏانھن ئي وڃي ٿو، ائين ھرگز ناھي ته عمران خان جي حڪمراني کان پھرئين ملڪي ادارا شخصيتن جا تجربا نہ ڪري چڪا آھن پر انھن شخصيتن ملڪي ادارن جي سياست ۽ حڪمراني واري مداخلت کي يا تہ بستر مرگ وقت عيان ڪيو يا وري انھن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ انڪشافات منظر تي ايندا رھيا، عمران خان ملڪ جو واحد سياستدان آھي، جنھن پنھنجي  چالاڪي سان اقتدار کان پھرئين ادارن کي وائکو ڪري اقتدار حاصل ڪيو پر اقتدار وڃائڻ کانپوءِ بہ پنھنجو اٽيڪنگ ميجڪ جاري رکيو آھي، جنھن جي ڪري ھن کي ادارن مان وقت بہ وقت رليف ملندو رھي ٿو. انھيءَ ميجڪ جو ڪمال آھي تہ ھڪ شخص جي گرفتاري ايتري تہ ڏکي لڳي رھي، جيڪر عدالتن کي گرفتاري وارنٽ معطل ۽ برقرار رکڻا پون ٿا.

جيڪا صورتحال اڄ زمان پارڪ ۾ آھي، ان جو رواج اصل ۾ گذريل دور ۾ شھباز شريف جي پٽ حمزہ شھباز شريف جي گرفتاري وقت وڌو ويو ھئو،  7 اپريل 2019 تي مسلم ليگ پنھنجن حمايتين کي ڏنڊا بردار ڪري اچي پوليس جي اڳيان بيھاري ڇڏيو ھو. ان وقت بہ ھڪ عدالت گرفتاري جا حڪم ڏيئي رھي ھئي تہ ھڪ عدالت بلڪل عمران خان جي گرفتاري آپريشن کي روڪڻ جا حڪم ڏنا ھئا پر پوءِ بہ حمزہ شھباز کي گرفتار ڪري رياستي رٽ بحال ڪئي ويئي ھئي ۽ ان وقت جو گھرو وزير توڙي پي ٽي آئي جا وفاقي وزير قانون جي رٽ کي بحال ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم ھئا.

اھڙي ريت ملڪ کي آئين ڏيندڙ وزيراعظم ھجي يا باچا خان ۽ نواب اڪبر بگٽي يا حاضر دور جو آصف علي زرداري ھجي يا ننڍن صوبن سان تعلق رکندڙ ڪھڙي جماعت جو اڳواڻ ھجي، انھيءَ جي گرفتاري، رات توڙي ڏينھن جو ڪھڙي بہ جڳھ تان باآساني ٿي وڃي ٿي، شايد قانون توڙي قانون لاڳو ڪرڻ وارا ادارا شخص ۽ ڪردار کان وڌيڪ ڊوميسائل کي ڏسي ڪري ڪاروائي ڪن ٿا!

گلگت- بلتستان جي پوليس جھڙي ريت ملڪ جي گادي واري ھنڌ جي پوليس جي سامھون ٿي آھي، ان جو مثال شايد ملڪ ۾ پھرئين نه ملندو ھجي، مٿان وري جھڙي ريت اڳوڻي صوبائي وزير ياسمين راشد جي مبينہ آڊيو جنھن ۾ ھو اڳوڻي وفاقي وزير اعجاز شاھ کي ھدايتون ڏيندي ٻڌي سگھجي ٿي تہ جيڪڏھن پي ٽي آئي جا اميدوار ماڻھن جا جٿا وٺي زمان پارڪ نہ ايندا تہ انھن کي پارٽي ٽڪيٽ نہ ڏني ويندي، پر ڳالھ آھي لاڏ ڪوڏ جي. رياست ان وقت بہ عمران خان جي لاءِ خاموش تماشائي بڻيل ھئي، جڏھن ھن اسلام آباد ۾ ڌرڻي دوران پوليس اھلڪارن کي مارڻ ڪٽڻ لاءِ پنھنجن حمايتين کي چوندو رھيو ھو،

پي ٽي وي تي حملو ھجي يا وري اقوام متحدہ جي پليٽ فارم تي زبان جو تِرڪي وڃڻ يا لکين جانيون وٺندڙ القاعدہ جي سربراھ کي پارليمان ۾ بيھي ڪري شھيد چوڻ وقت. رياست ان وقت به خاموش تماشائي ئي بڻيل ھئي، جڏھن ھن اليڪشن ڪميشن جي خلاف انتھائي نازيبا لفظ ڳالھايا ھئا ۽ سگهارين شخصيتن کي مير جعفر ۽ مير صادق جا القاب ڏنا ھئا. پاڪستان جي تاريخ ۾ اھا رعايت صرف و صرف عمران خان کي مليل آھي، اعليٰ عدالتن جي طرفان عمران خان کي پيش ٿيڻ جي لاءِ مھلتن مٿان مھلتون ۽ نظر نظرانداز ڪرڻ واري روش ملڪي رياستي نظام کي بلڪل وائکو ڪري ڇڏيو آھي.

قوم ڏسي رھي آھي تہ ھڪ ملزم جنھن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم ڪورٽ سڳوري ڏيئي ٿي ۽ ڪورٽ ۾ انھيءَ ملزم جو وڪيل عدالت کان سوال ڪري ٿو تہ ڇا اھو لازمي آھي تہ  عمران خان عدالت ۾ گرفتار ڪري پيش ڪري؟ پر ادارا پنھنجي حڪم جي التوا توڙي نظام تي اٿيل جواب ڳولڻ جي بدران  انھي ملزم کي ھڪ ٻي تاريخ ڏين ٿا تہ ادارن جي اڳيان اچي پيش ٿئي. عمران خان ملڪي سياست جو اھو کيڏاري آھي، جيڪو ڪنھن بہ اداري جي لاءِ شروع کان وٺي گرفت ۾ نہ ايندڙ رھيو آھي.

ھي ملڪ جو واحد اڳواڻ آھي، جيڪڏھن ھو لکين جانين وٺندڙن کي پنھنجو ھيرو سڏي يا وري هن جا حامي ملڪي محافظ ادارن تي ڏنڊن، پٿرن توڙي پئٽرول بمن سان حملو ڪن انھن جي مٿان ڪو بہ دھشتگردي جو ڪيس داخل نہ ٿيندو، نہ وري اھڙو ڪو ڪيس ھلي سگھندو. عمران خان جھڙي ريت مخالف ڌر ۾ ويھي پنھنجي اٽيڪنگ ميجڪ وسيلي رياستي نظام جي خدوخال جي نشاندھي ڪئي ھئي، اھڙي ريت اقتدار کانپوءِ ۽ توڙي ھن وقت رياستي ادارن جي پت وائکي ڪري رھيو آھي .