ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ انڊسٽري جي سينيئر اداڪار نصير الدين شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن مغل بادشاهه ايترا ئي ظالم هئا ته ڀارتين کي گهرجي ته هنن جو ٺاهيل تاج محل، لال قلعو ۽ قطب مينار ڪيرائي ڇڏين. ڀارت ۾ مغل بادشاهن کي ظالم حڪمران جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. نصير الدين شاهه جي نئين سيريز “تاج ڊيوائڊڊ باءِ بلڊ” جو ٽيزر جاري ٿيندي ئي ڀارتي واهپيدار مغلن کي ظالم قرار ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو. هڪ انٽرويو ۾ نصيرالدين شاهه مغل بادشاهن تي تنقيد ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ته جهڙي طرح ڀارتي حڪومت مغلن جي شهرن، ڳوٺن ۽ محلن جا نالا تبديل ڪري ڇڏيا آهن جيڪڏهن هنن کي مغل بادشاهن سان ايتري ئي نفرت آهي ته تاج محل، قطب مينار ۽ لال قلعي کي به ڪيرائڻ گهرجي پوءِ انهن کي ايتري اهميت ڇو ڏيندا آهن؟ نصير الدين شاهه چيو ته ڀارتي عوام سمجهندو آهي ته مغل ڀارت ۾ ڦرلٽ ڪرڻ آيا هئا جڏهن ته مغل ته هتي پنهنجا گهر ٺاهڻ آيا هئا هنن ايئن ئي ڪيو جنهن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي.