لاهور(شوبز نيوز) ڳائڻي ۽ اداڪار علي ظفر پاڪستان جي معيشيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت کي هڪ اهم مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. علي ظفر سوشل ميڊيا تي ڪافي متحرڪ نظر ايندو آهي هنن ڏينهن ۾ پاڪستان سخت معاشي بحران جو شڪار آهي جنهن جو سڌي ريت اثر پاڪستان جي عوام تي پئجي رهيو آهي ان لاءِ علي ظفر ٽوئٽر تي پاڪستان جي معيشت جي بهتري جي حوالي سان به پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. هن حڪومت کي پاڪستان جي سياحتي شعبن تي ڌيان ڏياريندي پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته “پاڪستان کي سياحت جي شعبي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇوته صرف ان هڪ شعبي سان ئي ملڪ جي لاءِ ڪافي آمدني حاصل ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته اسان جي ملڪ جو اتر وارو علائقو تمام گهڻو حيرت انگيز آهي.” هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اتر علائقن کان سواءِ گوادر تي به دبئي جيان بيلٽ تيار ڪيو گڏوگڏ ئي هن حڪومت کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب اهو ڪم ڪري سگهن ٿا ته پاڪستان ڇو نٿو ڪري سگهي.؟