سينٽ لوئي(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪي زو مان فرار ٿيندڙ رڇ مان انتظاميا پريشان ٿي وئي آهي. اهو هڪ اينڊيئن نسل رڇ آهي جنهن جو نالو بين آهي ۽ هڪ مهيني ۾ ٻه ڀيرا پنهنجي پڃري مان فرار ٿي چڪو آهي ۽ هن جو واردات جو طريقو غيرمعمولي به آهي. ان کان اڳ اهو هڪ ڪلاڪ لاءِ پنهنجي پڃري کان ٻاهر نڪتو هو ۽ صرف 100 ميٽر پري تائين ويو هو. پر چار سالن جي بين کي بيهوش ڪندڙ ڪارتوس هڻي مشڪل سان هن کي سندس گهر پهچايو ويو هو ڇوته هن جو وزن هاڻي به لڳ ڀڳ 300 پائونڊ آهي. ان کانپوءِ 7 فيبروري تي هو وري ٻيهر ڀڃرو ٽوڙي فرار ٿي ويو. هن ڀيري به اهو گهڻو پري ته نه ويو پر ڏيڍ ڪلاڪ جي پنڌ کانپوءِ پنهنجي گهر پهچي ويو. ان دوران عوام جي داخلا بند ڪئي وئي ۽ پاڻ عملي غير معمولي حفاظتي قدم اختيار ڪيا هئا. هاڻي زو انتظاميا هن بي چين رڇ لاءِ جانورن جي ماهرن کان مشورو گهريو آهي ته ٻئي طرف هن جي پڃري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.