راولپنڊي (انٽرسٽنگ نيوز) پنجاب صوبي جي شهر راولپنڊي ۾ هڪ زميندار پنهنجي ٻليءَ جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، ٻليءَ کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب ٿاڻي چونتره جي علائقي ۾ زميندار پنهنجي پالتو ٻليءَ کي گولي هڻي قتل ڪندڙ مٿان ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪيس زميندار محمد عثمان جي درخواست تي خرم شهزاد نالي شهري خلاف داخل ڪيو ويو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته مان ٻليءَ سان گڏ ٻنيءَ تي وڃي رهيو هيس ته خرم شهزاد 12 بور جي رائفل سان گولي هلائي منهنجي ٻليءَ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻليءَ جو پوسٽ مارٽم ڪرائي خرم شهزاد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻليءَ جي موت جي واقعي جي وڌيڪ جاچ به ڪئي پئي وڃي.