جڪارتا (انٽرسٽنگ نيوز) دنيا جو سڀ کان وڌيڪ بدبودار گل، جنهن کي ٽيڪنيڪل طور تي ٽائيٽن ارم جو نالو ڏنو ويو آهي، ان جي بدبو انساني لاش وانگر آهي، هي گل 7 کان 10 ۾ رڳو هڪ ڀيرو ٽڙندو آهي. هن گل کي گلن جو لاش پڻ سڏيو ويندو آهي، جنهن جي بوءِ کي لاش، ٿوم، سڙيل مڇي ۽ بدبودار پيرن سان تشبيهه ڏني ويندي آهي. ٽائيٽن آرم هڪ گلن وارو ٻوٽو آهي، جيڪو انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا ۾ ڦٽي ٿو ٻوٽو هر ستن کان ڏهن سالن ۾ صرف هڪ ڀيرو ڦٽي ٿو. هي گل صرف 24 کان 36 ڪلاڪ رهي ٿو. گل عام طور تي منجهند جي وچ ۾ ٽڙي ٿو ۽ سڄي رات ۽ ٻئي صبح تائين ٽڙيل رهندو آهي. هن غير معمولي واقعي کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا مان گلن جا شوقين سفر ڪن ٿا، ٽائيٽن آرم جو گل 10 فٽن کان به وڌيڪ اوچائي تي پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته ان جي پنن جي جوڙجڪ رڳو 20 فوٽ ڊگھي ۽ 16 فوٽ ويڪر تائين ٿي سگهي ٿي. هن گل جي بدبوءِ شام کان اڌ رات تائين وڌندي رهندي آهي، جڏهن ته صبح جو اها بوءِ غائب ٿي ويندي آهي.