ڪراچي (م ڊ) صحافي حامد مير ميجر (ر) خرم حميد پاران عمران خان جو استقبال ڪرڻ واري وڊيو شيئر ڪندي چيو ته ڪجهه مهربان پڇي رهيا آهن ته هي ميجر خرم حميد ڪير آهي؟ ڪير چون ٿا عمران خان ته هڪ سال کان هڪ شخص سان مليو ئي ناهي، گستاخي معاف صرف ڪجهه هفتا اڳ خان صاحب جلسي کي خطاب لاءِ مظفرآباد پهتو ته اتي سندس استقبال ڪندڙن ۾ وزيراعظم آباد ڪشمير سان گڏ خرم حمد روکهڙي به موجود هو، واضح رهي ته شهباز گِل 25 آڪٽوبر 2020ع تي ميانوالي ۾ عمران خان ۽ ميجر خرم حميد روکهڙي جي ملاقات جي تصوير پاڻ شيئر ڪئي هئي.