لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته اوهان رستا بند ڪندڙن جا سهولتڪار بڻيل هئا، هتي احتجاج ٿيو پر انتظاميا ستل رهي، احتجاجي مظاهرن لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي هئي؟ اوهان آفيسن ۾ ويٺل رهيا، عوام روڊن تي خوار ٿيندو رهيو، هاءِ ڪورٽ راولپنڊي جي ڪمشنر ۽ ڊي سي راولپنڊي تي ڪاوڙجي پئي، عدالت چيو ته احتجاج بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق انتظاميه جو ڪردار واضح آهي، ڪمشنر ۽ ڊي سي کي ايندڙ ٻڌڻي تي احتجاج بابت قدمن جي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪئي.