مسوٻرڳڙي(ن پ ا) مسو ڀرڳڙي ۾ ڳوٺاڻن واپڊا مٽياري جي لائين خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺ ھموپوٽا جي حاڪم کوسو، نجف خاصخيلي. علي مراد خاصخيلي. پپو ڪنڀار ۽ ٻين چيو ته لائن مين واحد بخش سمون بلا جواز اسان جي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي. لائين مين بجلي ھٿ سان چور ڪرائي غير قانوني ڪنيڪشن ڏئي ھزارين منٿلي وصول ڪري ٿو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي.