قصبو( ن پ ا ) قصبو ڀرسان نئين گاج ٿاڻي جي حد ڳوٺ مريدديرو ۾ ھلندڙ جوا جو سلسلو  گذريل ڪافي وقت کان بند نه ٿي سگھيو آهي جنھن ڪري رھواسي پريشاني ۾ مبتلا آھن ڳوٺاڻن جو الزام آھي ته جوا بند نه ٿيڻ جو سبب حد جي پوليس آھي ڳوٺاڻن پاران ڪيترائي ڀيرا ھلندڙ جوا جون شڪايتون ڪرڻ جي باوجود نئين گاج پوليس ڪاب،، ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي  ايس ايڇ او نئين گاج ڏيتي ليتي جي چڪر ۾  خاموش تماشائي بڻيل آھي ڳوٺاڻن کي پوليس بيان ڏيڻ کان پڻ روڪي ڇڏيو ته جوا جي اڏن خلاف ڪوبه بيان ڏيندو ته ان تي ڪيس داخل ڪيا ويندا. ڳوٺاڻن جوا بند ڪرائڻ جي اپيل ڪندي چيو ته ڳوٺ مريدديرو ۾ جوا  ھلائيندڙن جو سپورٽر بڻيل ايس ايڇ او نئين گاج جي بدلي ڪري سندس جاء تي ايماندار آفيسر مقرر ڪري ڳوٺ ۾ ھلندڙ برائي وارا ڪم ختم ڪرائي ڳوٺ جو امن امان بحال ڪرايو وڃي.