مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ناياب پکي طوطي جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي پر وائلڊ لائيف کاتي اک نه پٽي. ان ڏس ۾ علائقي ۾ انبن جي مند ايندي شڪاري باغن ۾ طوطن کي پڪڙڻ لا لامارا ڏئي رھيا آھن. طوطن جي ٻچن تائين پهچڻ لاءِ وڻن جي پورن يا سوراخن کي جن ۾ طوطا ٻچا ڪندا آهن انهن کي ڪهاڙن سان وڍيو پيو وڃي ته جيئن وري طوطن جو گهر آباد ئي نه ٿي سگهي. سڄي سنڌ ۾ سائي نسل جا طوطا عام ھوندا ھئا پر ھاڻي نسل ڪشي سبب طوطو باقي ڪو وڃي بچيو آهي. قدرت جي ھنن عظيم شاھڪارن کان انسان محروم ٿيندا پيا وڃن. سائو طوطو جيڪو وڏي تعداد ۾ سنڌ اندر رھندو ھو پر ھاڻ اسان ھن پکي کي اڪثر پڃرن ۾ ئي ڏسي سگھون ٿا. قدرت اسان سان ھنن کي منسوب ڪيو آھي، جيڪڏهن اسان ھنن کي ختم ڪيو ويو ته اسان به پنهنجي اختتام جو سبب بڻباسين.