جوھي ( ن پ ا) جوهي ۾ ٻه ڏينھن اڳ ڪاڇي جي ھيرو خان شھر ۾ احساس ڪفالت سينٽر ۾ ڪوريج جي لاءِ ويندڙ ڊرگهه بالا صحافي جي ايم لنڊ مٿان مبينا طور پوليس اھلڪار پاران تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جوھي ۾ سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن ايس يو پي جي اڳواڻ غلام قادر لغاري، پي ٽي آئي جي اڳواڻ امين وگھيو ، سوشل ورڪر حاجي خان مستوئي ، ڪاڇي جي صحافين مولا بخش برھماڻي ، ايم اسماعيل لانگاھ سميت جوھي جي صحافين مظاهرو ڪيو. اڳواڻن پريس ڪلب جوھي اڳيان سخت احتجاج ڪندي ھنن چيو ته احساس ڪفالت سينٽر ھيرو خان ۾ ڪوريج جي لاءِ ويندڙ ڊرگھ بالا پريس ڪلب جي صدر سينيئر صحافي جي ايم لنڊ مٿان پوليس اھلڪار بدڪلامي سان گڏ مٿس تشدد ڪري کيس تذليل جو نشانو بڻايو. هنن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صحافي سان انصاف ڪيو وڃي.