لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جو مزاحمت جي علامت جناح باغ منشيات واپرائيندڙن جي آماجگاهه بڻيل، منشيات جي وڪري سبب ننڍي عمر جا ٻار به منشيات واپرائڻ لڳا، ٻارن جو جناع باغ ۾ نشو واپرائيندي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، سڄاڻ ڌرين طرفان ڳڻتي جو اظهار، ايس ايس پي نوٽيس ورتو، ڪاروائي جون هدايتون، خبر موجب لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ منشيات فروشن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ سبب منشيات جا اڏا هلڻ لڳا آهن ۽ آساني سان منشيات ملڻ جي ڪري شهر اندر ننڍي عمر جا ٻار نشي جي لعنت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، لاڙڪاڻي شهر جي عوامي هنڌ ۽ مزاحمت جي علامت جناح باغ هن وقت منشيات واپرائيندڙن جي آماجگاهه بڻيل آهي، جناع باغ ۾ ننڍي عمر جي ٻارن جو سلفي ۾ چرس وجهي سلفيون هڻي نشو واپرائڻ معمول بڻجي ويو آهي، جنهن جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ننڍي عمر جا 3 ٻار جناع باغ ۾ سرعام نشو واپرائي رهيا آهن، هوڏانهن اھڙي خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد  ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر محمد عمران نوٽيس وٺندي اي ايس پي ۽ لاڳاپيل ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي منشيات فروشن خلاف بنا دير ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ايس ايس پي چيو ته لاڙڪاڻو پوليس ترجيحي بنيادن تي منشيات خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي، ٻئي پاسي ان حوالي سان شهر جي سڄاڻ اڳواڻن جميل گاد، نظر محمد مڱريو، عبد الحليم شيخ، نيڪ محمد مهر اعجاز جوکيو ۽ ٻين ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات آساني سان ملڻ جي ڪري نوجوان نسل نشي جي لت ۾ مبتلا ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته جناح باغ ايم آر ڊي سميت ٻين احتجاجن توڙي ڌرڻن جي حوالي سان سدائين مزاحمت جو مرڪز رهيو آهي، جتي منشيات جو واهپو پوليس جي پت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي منشيات وڪرو بند ڪرايو وڃي.