ملڪ ۾ گڏهن جي انگ ۾ غير معمولي اضافو

0
310

اسلام آباد: پاڪستان ۾ گڏهن جو انگ وڌي ويو، هلندڙ مالي سال جي اقتصادي سروي رپورٽ ۾ گڏهن جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ گڏهن جي انگ ۾ هڪ لک واڌ ٿي آهي، گڏهن جو انگ 57 لک مان وڌي 58 لک ٿي ويو

هڪ سال دوران مينهُن جي انگ ۾ 13 لک اضافو ٿيو آهي، ملڪ ۾ مينهن جو انگ 4 ڪروڙ 37 لک مان وڌي 4 ڪروڙ 50 لک ٿي ويو

رڍن جو انگ وڌي 3 ڪروڙ 23 لک ٿي ويو، گهوڙن، اُٺن ۽ خچرن جي انگ ۾ واڌ رڪارڊ نه ڪئي وئي