مريم نواز پاسپورٽ ملندي ئي لنڊن روانو ٿي وئي

0
215
سکر جي عدالت مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي
سکر جي عدالت مريم نواز خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز پاسپورٽ واپس وٺڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي ئي لنڊن روانو ٿي وئي

مريم نواز لنڊن روانگي لاءِ لاهور ايئرپورٽ پهچڻ کان اڳ پنهنجي ڏاڏي، ڏاڏيءَ ۽ والده جي قبرن تي فاتحه خواني پڻ ڪئي

مريم نواز لاهور ايئرپورٽ تان خانگي ايئرلائن جي اڏام ذريعي لنڊن روانو ٿي آهي، خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز اٽڪل هڪ مهينو لنڊن ۾ رهندي، جنهن کانپوءِ سندس والد نواز شريف سان گڏ وطن واپس اچڻ جو امڪان آهي

واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي مريم نواز گذريل ڏينهن پاسپورٽ واپس ورتو هو، مريم نواز پاسپورٽ وٺڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ پهتي جتي هن رجسٽرار جي ڪمري مان پاسپورٽ وصول ڪيو هو

ھي به پڙھندا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان مريم نواز کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم