مريد شاخ (رپورٽ: علي گل شيخ) مريد شاخ ويجهو پنجاب جي علائقي نوازآباد مان ڌاڙيل مريدشاخ ڀرسان ڳوٺ پنهون خان ڪالوني واسي هندو برادري جي وڌيڪ 3 ڄڻن ڪوڙو، پهلوان ۽ بشير مارواڙيءَ کي اغوا ڪري ويا. ڌاڙيلن ويڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ڌاڙيل سومار شر مغوين کي چئي رهيو آهي ته پنجاب پوليس اسان جي 5 گهر ڀاتين کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جيستائين کين آزاد نه ڪندا، تيستائين اسان اوهان کي به آزاد نه ڪنداسين ۽ اڳتي ٻين ماڻهن کي به اغوا ڪنداسين. ويڊيو ۾ مغوي لڙڪ لاڙيندي هٿ ٻڌي پنجاب پوليس کي اپيل ڪري رهيا آهن ته جلد اسان کي بازياب ڪرايو وڃي. ڌاڙيل اسان کي ماري ڇڏيندا. هوڏانهن مغوين جي وارثن معصوم ٻارڙن، عورتن، مردن احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج دوران مغوي جي امڙ بيهوش ٿي وئي، جنهن کي اسپتال نيو ويو، مغوي جي وارثن لڙڪ لاڙيندي ڊي پي او رحيم يار خان ۽ پنجاب پوليس کي اپيل ڪئي ته مغوي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي. هوڏانهن مريدشاخ جي ڳوٺ ابراهيم آباد مغوي علي نواز ملڪ جي امڙ، پيءُ ۽ سندس ٻارڙن ۽ ڳوٺ حاجي نصير خان ميراڻي ۾ مغوي نوجوان بخت علي ميراڻي جي بازيابي لاءِ وارثن پڻ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مغوي نوجوانن کي جلد آزاد نه ڪرايو ويو ته نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري احتجاج طور پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين.