ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم)شھيد محترما بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي وي سي سيڪريٽريٽ تي مبينا حملو،  11 شاگردن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ رجسٽرار ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي خط لکي ڇڏيو ـ يونيورسٽي جي رجسٽرار پاران ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته رات ساڍي اٺين وڳي يونيورسٽي جي 11 شاگردن بي ڊي ايس جي عرفان عزيز، ايم بي بي ايس جي وقار کوسو، اويس ڏاھاڻي، صداقت، يار محمد ڪلھوڙو، فرمان کوسو، سجاد مري، عمر آرائين، ابراھيم سومرو، سجاد پنھور ۽ وڪيل جکراڻي پستول کڻي وي سي سيڪريٽريٽ تي چڙھائي ڪري مين گيٽ مان زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ يونيورسٽي جي انتظاميا توڙي سيڪيورٽي عملي کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندي وي سي خلاف گٿا لفظ ڳالھايا. ھاء ڪورٽ لاڙڪاڻي جي حڪم باوجود يونيورسٽي ۾ پوليس مقرر ناھي، ڄاڻايل جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻي جي انتظاميا کي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.