مرزاپور(ن پ ا) مرزاپور لڳ امروٽ بس اسٽاپ وٽ شهزور گاڏي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، ڳوٺ قائم خان وڌيو واسي رحب شاھ زخمي ٿي پيو،امروٽ پوليس زخمي کي مدئجي اسپتال منتقل ڪيو، جتان حالت نازڪ ھجڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن امروٽ پوليس شهزور گاڏي کي پنهنجي تحويل وٺي ڇڏيو آهي.