ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان ضلعي جي 5 شگر ملن مان صرف 3 شگر ملز هلڻ لڳيون، 2 شگر ملز سالن کان بند پيل آهن، جڏهن ته 1 شگر مل جي مشينري ئي غائب ٿي وئي آهي، ڪيترن ئي آبادگارن جي لکين رپين جون رهتون کين اڃان تائين نه ملي سگهيون آهن. ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي 5 شگر ملن مان صرف ساليانو 3 شگر ملز انصاري شگر مل ، فاران شگر مل ۽ آبادگار شگر مل پنهنجي ڪريشنگ جو آغاز شروع ڪنديون آهن ، باقي 2 شگر ملز سيري شگر مل ۽ ٽنڊو محمد خان شگر مل گذريل 7 سالن کان وٺي بند پيل آهن جنهن جو سبب بااثرن پاران ملن تي قبضا ڪرڻ بعد شگر مل جي سوين ملازمن کي فارغ ڪيو ويو هو ڪجھه عرصي بعد سيري شگر مل کي مل انتظاميا پاران هلايو ويو پر گذريل 4 سالن کان سيري شگر مل کي تالا لڳل آهن ، اڳوڻي صدر ايوب خان جي دور ۾ قائم ٿيل فوجي شگر مل جنهن کي بعد ۾ ٽنڊو محمد خان شگر مل جو نالو ڏنو ويو هو اها به ڪيترن سالن کان وٺي بند پيل آهي. ٻنهي شگر ملن مان 3 هزارن جي لڳ ڀڳ پورهيت ڪم ڪندا هئا جن کي انتظاميا پاران نوڪرين مان برطرف ڪرڻ بعد هاڻي اهي بيروزگاري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي سنڌ چيئمبر آف ايگريڪلچر جي مرڪزي اڳواڻ نبي بخش سٺيو ٻڌايو آهي ته شگر ايڪٽ قانون جي تحت شگر ملز کي ڪمند هجڻ سبب هر حالت ۾ پنهنجون شگر ملز هلائڻ گهرجن پر ڪمند جي اگھ واري تڪرار جي ڪري ملز مالڪن پنهنجي هڪ هٺي قائم ڪرڻ لاءِ هر سال آبادگارن کي مالي طور وڌيڪ پريشان ڪرڻ ۽ سندن ڪمند جي خريداري ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن آبادگار مجبور ٿي شگر ملز مالڪن جي ڪمند جي خريداري ڪندڙ بروڪرن ذريعي گهٽ اگھ تي ڪمند وڪرو ڪري ڏين پر کين اهو به ياد رکڻ گهرجي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال 100 فيصد مان ڪمند صرف 40فيصد پوکائي ڪيل آهي ، ساڳي روايت برقرار رکي ويئي ته هلندڙ سال ڪمند اڃان به 40 سيڪڙو مان 20 سيڪڙو تي اچي سگهي ٿو ، جنهن سان سنڌ جي 38 شگر ملز مان صرف چند شگر ملز ڪريشنگ ڪري سگهنديون ، جيڪو سنڌ جي زراعت جي نقصان سان گڏ شگر ڪين ايريا ۾ وڌيڪ بحران جو سبب پيدا ٿيندو ۽ سنڌ ۾ کنڊ جي پيداوار گهٽجي ويندي ، جنهن سان ملڪي طور کنڊ جي پيداوار کي نقصان ٿيندو ۽ سرڪار کي مجبور ٿي پرڏيھ مان کنڊ جي خريداري شروع ڪرڻي پوندي، ٻئي طرف ٽنڊو محمد خان شگر مل ۽ سيري شگر مل جي مالڪ محسن تاباني پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هلندڙ سال سيري شگر مل جي هلڻ جا امڪان گهٽ آهن ڪجھ مسئلا درپيش آهن ڪوشش ڪنداسين ته هن سيزن تي مل کي هلايون ، هن چيو ته ٽنڊو محمد خان شگر مل جي مشينري ناڪارا بڻجي چڪي آهي ، جيڪا هلڻ جي بلڪل قابل ناهي باقي سيري شگر مل کي هلائڻ لاءِ اسان جي ٽيم جون ڪوششون جاري آهن .