صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) پيرڳوٺ ڀرسان هفتو اڳ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل معصوم نينگر جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو. نينگر جو مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. رپورٽ موجب هڪ هفتو اڳ ڳوٺ حامد ڀٽو جي پورهيت نيڪ محمد ڀٽو جو معصوم پٽ فراز عرف پپو ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واضح هجي ته نينگر فراز گل هڪ هفتو اڳ موٽرسائيڪل جي ٽڪر سبب سخت زخمي ٿي پيو هو. حادثي بعد وارثن کيس لاڙڪاڻو اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتان ڊاڪٽرن جي مشوري تي ڪراچي جي آغا خان اسپتال ريفر ڪيو ويو پر هوٽل تي مزدوري ڪندڙ پورهيت پئسا نه هجڻ سبب نينگر کي جناح اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي نينگر جي حالت ۾ سڌارو نه اچڻ بعد معصوم فراز ڪالهه زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. نينگر جو مڙهه گهر پهچڻ تي امڙ ۽ ڀينرن سميت گهر ڀاتي صدمي ۾ بيحال ٿي ويا ۽ سوڳ ڇانئجي ويا.