مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور ويجهو جمالپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڊرگهپور جي منظور جوڻيجو ۽ ڳوٺ انڙ جي نورالدين انڙ ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان جهيڙي ۾ نوجوان سراج انڙ مارجي ويو هو، ان ڏس ۾ ڌرين ۾ سرچاءُ لاءِ جوڻيجا برادري جي چڱي مڙس امتياز احمد جوڻيجو، سردار ذوالفقار جيهو ، جي ڊي اي اڳواڻ ذوالفقار پيرزادو، جي يو آءِ اڳواڻ رشد الله شاھ امروٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ انڙ ۾ مقتول نوجوان سراج انڙ جي وارثن ڏاڏو خير محمد انڙ ۽ نورالدين انڙ وٽ پهتو، جتي انڙ برادريءَ پاران پاڻ ۾ صلاح مصلحت لاءِ هفتي جي مهلت طلب ڪئي وئي، ان موقعي تي امتياز احمد جوڻيجو ٻڌايو ته اسان ڌرين ۾ سرچاءُ ڪرائڻ چاهيون ٿا، معمولي ڳالھه تان جهيڙي دوران انڙ برادري جو نوجوان قتل ٿيڻ تي افسوس آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ڌريون جلد ئي کير کنڊ ٿي وڃن .