ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ ڪراچي واسي ٽن نوجوانن جي ٻڏي وڃڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو، وارثن ٽنهي نوجوانن جي ٻڏي وڃڻ جا امڪان رد ڪندي واقعي کي قتل قرار ڏنو آهي. 23 مئي تي ٽنڊو محمد خان ۾ ڪراچي جي ابو الحسن اصفهاني روڊ واسي 3 نوجوان واهه ۾ مبينا طور ٻڏي ويا هئا، هاڻي انهي واقعي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، نوجوان اذلان جي ماءَ چيو آهي ته ٽنهي نوجوانن کي قتل ڪيو ويو آهي، اذلان جي جسم تي زخمن جا نشان به هئا، منهنجو پٽ پاڻي کان ڊڄندو هو، پوءِ هو ڪيئن گهري پاڻي ۾ لٿو هوندو؟ جتي نوجوان ٻڏي ويا، اهو واهه نه پر ڊيم آهي، بچي ويل نوجوان امير گھر اچي مون کي ٻڌايو ته منهنجو بچي وڃڻ لکيل هو. اذلان جي ماءَ موجب امير بوکلاهٽ جو شڪار هو، عبدالمنان بچي ويو، ٽنڊو محمد خان عبدالمنان جو اباڻو علائقو هو، ان پوءِ نوجوانن کي گهري پاڻي ۾ وڃڻ ڪيئن ڏنو؟ اذلان جي ماءُ الزام هنيو ته هتان ٽنڊو محمد خان وڃڻ لاءِ ڀاڙي تي ڪار ورتي وئي هئي، منهنجي پٽ سميت ٽنهي نوجوانن کي قتل ڪيو ويو آهي، امير، حمزا ۽ عبدالمنان کي گرفتار ڪري انهن کان پڇاڳاڇا ڪئي وڃي.