احمدپور (ن پ ا ) وڏا مهيسر ڀرسان ڳوٺ قادن ميتلو ۾ 2 سال اڳ فوت ٿي ويل نوجوان اسدالله جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ سندس ڀيڻ حميده ميتلو جي درخواست تي سول جج ڪنگري بلاول رفيق بروهي جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ميڊيڪل ٽيم ڳوٺ پير عيسيٰ جي قبرستان ۾ پهچي نوجوان جي لاش جي قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا. ته فوتي نوجوان جي ڀيڻ ڀاءُ کي زهر ڏئي مارڻ جو شڪ ظاهر ڪندي سول جج ڪنگري کي درخواست ڪئي هئي پوليس موجب نوجوان جي ڀيڻ سول جج ڪنگري کي اهڙي درخواست ڪئي جنهن تحت لاش جا جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا آهن رپورٽ اچڻ کانپوءِ عدالتي حڪم تي ڪارروائي ڪئي ويندي. ياد رھي ته 2 سال اڳ نوجوان جو ڳوٺ ٻاهران وارثن کي لاش هٿ آيو هو.