مختصر ڪهاڻي ڪورونا، لاڪ ڊائون ۽ موچي

0
276

پاڙي جي بند دڪان جي ٿلهي تي ڪچھري ڪندي چوڻ لڳو، ٻڌو اٿم وري ڪورونا لاڪ ڊائون ٿيندو؟
چيم آثار اهڙائي آھن…
ٿڌو ساھه ڀريندي چوڻ لڳو
الله جي مار پوي،اڳي گهر واري جو بچيل هڪ زيور وڪڻي اَٽي جي ڪئي هاڻي وري ساڳئي مصيبت ٿي ته ٻچا بک مري ويندا !
مون بنا ڪجھه ڪڇڻ جي بس ها ڪئي،
پڇڻ لڳو،ٻڌو اٿم ته سرڪار کي عالمي اداري کان ڪوڙا سچا بيماري جا ڪيس ۽ موت ظاهر ڪرڻ تي لکين ڊالر ملن ٿا ؟
مون ها ڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، ٻڌو مون به آھي پڪ ناهي
چوڻ لڳو، يار جي ڪو سڃاڻ وارو هجي ته وارو ڪر
مون پڇيو، ڇا ڪريان ؟
چيائين دڪانون ڪاروبار بند هوندا پوليس جي هڻ لٺ ۽ ڦر مار هوندي اڳي به مون کي ٻه دفعا جُتيون سبندي موبائيل ۾ وجهي کڻي ويا هن عمر ۾ بي گناھ بي عزتو سو به روزگار ڪندي سهيو نٿو ٿئي، هڪ ڪم ڪر ڪٿان ڪورونا وگهي مرڻ جا ڪجھه پئيسڙا ملن ته ڏيار آئون تيار آھيان مرڻ لاءِ ۔۔۔!
مون چيو، تون مري ويندي ته پئسا تنهجي ڪهڙي ڪم جا ؟
چوڻ لڳو، بس يار ٻچا بک مرڻ کان بچي پوندا ۽ ٻه ٽي لک ملن ته ڪو ڪيبنڙي يا ريزڪي دڪانڙو پاڙي ۾ کولي وٺندا .
مون کان سَٺو نه ٿيو اٿي وڃڻ لڳس ته پويان سڏ ڪندي چيائين ته يادگيرو ڪجان غريب آھيان ٻچا سکيا ٿي پوندا منهنجي هونئن به ڪهڙي ضروت !
مون واپس وري چيو، ٻچا يتيم ٿي جيئن اهو ڪندين ؟
اکين مان وهندڙ پاڻي اگهندي چيائين ته پوءِ سرڪار کي لِک ته موچي رازي واڍي درزي اليڪٽريشن ۽ پلمبر جي دڪان تي ميلا متل نه هوندا آھن، سو مزدورن ۽ پورهيتن کي ڪمائي کائڻ ڏي يا اسان کي ڪورونا واري موت ڏي تاڪه پئسا ملن ۽ ٻچا کائين ورنه غريب نانگ ناهن جو مٽي کائيندا . افسوس ! (ديارام رکيسر)