ڪوٽڙي: تعليم کاتي ڄامشوري جو انوکو ڪارنامو !

0
349

ڪوٽڙي (ن پ ا) تعليم کاتي ڄامشوري جو انوکو ڪارنامو، بائيوميٽرڪ حاضري جا شوڪاز نوٽيس ٻن سالن کانپوءِ جاري ڪيا ويا، ٻه سال اڳ ڪوٽڙي جي مختلف اسڪولن جي بائيوميٽرڪ حاضري ۾ ڪجهه ڏينهن جي غير حاضر ڄاڻايل استادن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا، نوٽيسز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اوهان ٻه سال اڳ ڪجهه ڏينهن لاءِ ڊيوٽي تان غيرحاضر هئا، پنهنجي غير حاضري جو جواز ڊي او آفيس ۾ روبرو جمع ڪرايو، نوٽيسن ۾ 21 تاريخ تائين جواز جمع ڪرائڻ جو وقت ڏنو ويو، جنهن کي وڌائي 29 اپريل ڪيو ويو، نوٽيس ملڻ بعد استادن جا پريشاني ۾ مٿن تي هٿ اچي ويا ۽ مختلف استادن جي بائيوميٽرڪ ۽ پوسٽنگ مشقوق بڻيل آجي، ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي جي نااهليءَ سبب ڪيترن ئي هايئر سيڪينڊري استادن جي بائيوميٽرڪ پرائمري اسڪولن ۾ ڄاڻائي وئي آهي.