متحده عرب امارات پاران پاڪستان جو 2 ارب ڊالرز جو قرض رول اوور ڪرڻ ۽ وڌيڪ هڪ ارب ڊالرز ڏيڻ جو به اعلان

0
262
متحده عرب امارات پاران پاڪستان جو
متحده عرب امارات پاران پاڪستان جو 2 ارب ڊالرز جو قرض رول اوور ڪرڻ ۽ وڌيڪ هڪ ارب ڊالرز ڏيڻ جو به اعلان

متحده عرب امارات پاڪستان جو 2 ارب ڊالرز جو قرض رول اوور ڪرڻ ۽ وڌيڪ هڪ ارب ڊالرز ڏيڻ جو به اعلان ڪيو آهي
وزير اعظم شهباز شريف متحده عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهتو ته يو اَي اِي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي

وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر شيخ محمد بن زيد النهيان وچ ۾ ملاقات دوران پاڪستان لاءِ 2 ارب ڊالرز جو قرض رول اوور ڪرڻ تي اتفاق ٿيواماراتي صدر پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرز جو اضافي قرض ڏيڻ جو اعلان به ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف ڏکين گهڙين ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي اماراتي صدر جا ٿورا مڃيا

شيخ محمد بن زيد ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ متحده عرب امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي