آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 40کان گهٽ مارڪون کڻندڙن کي آرڊر جاري نه ڪرڻ جو حڪم

0
434
آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جون ڀرتيون روڪڻ جو حڪم: هارڊ ايرياز جو ڊرامو سياسي مفادن لاءِ آهي: چيف جسٽس
آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جون ڀرتيون روڪڻ جو حڪم: هارڊ ايرياز جو ڊرامو سياسي مفادن لاءِ آهي: چيف جسٽس

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ 40 کان گهٽ مارڪون کڻندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ماستريءَ جا آرڊر جاري نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 ڀرتين ۾ نظرانداز ڪيل اميدوارن جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ ٻڌڻي هلائي، عدالت سيڪريٽري تعليم کي هارڊ ايريا ڄاڻايل علائقن جو 26 جنوري تائين ريڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 درخواست گذارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته 40کان 55 مارڪون کڻندڙن کي نظرانداز ڪري 40 کان گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي

عدالت چيو ته حڪومت ڪجهه علائقن کي هارڊ ايريا ڊڪليئر ڪري گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ڀرتي ڪيو آهي

جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته تعليم جي حوالي سان سموري سنڌ هارڊ ايريا بڻيل آهي، ڪورٽ روم ۾ موجود ماڻهن مان ڪنهن جا به ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ نه ٿا پڙهن