مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور لڳ ڳوٺ بھادرپور ۾ پورھيت ظفر الله بهراڻي جي ٻن ورهين جي نياڻي زويا ٿيليسيميا سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي وئي، نينگري جي فوت ٿيڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته پورهيت جو هڪ سال جو پٽ سعيد احمد پڻ ٿيليسيميا جي مرض ۾ مبتلا آهي.