سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج ۾ فائنل ايئر ۾ پڙھندڙ راڻيپور واسي ڊاڪٽر طارق شاھاڻي سوسائٽي ۾ واقع جي ايم سي ھاسٽل ۾ مبينا طور ڦاھي کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. آباد پوليس سول اسپتال سکر مان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ قانوني ڪارروائي بعد سندس ڀاءُ غضنفر ۽ مامي علي نواز شاهاڻي حوالي ڪيو. جي ايم سي هاسٽل جي ڪمري مان ڦاهو کاڌل لاش ملڻ کانپوءِ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج انتظاميا ۽ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. واقعي واري هنڌ جو ايس ايچ او آباد نويد نواز شيخ، پوليس سرجن ڊاڪٽر ياسين آرائين ۽ ٻين سان گڏجي جي ايم سي جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر ذالفقار علي سومرو دورو ڪيو، جڏهن ته گذريل رات دير سان مليل اطلاع بعد به جي ايم سي جو پرنسپل، اسپتال جو ايم ايس سميت لاڳاپيل عملدار صبح جو پنجين وڳي تائين موجود رهيا، مليل ڄاڻ موجب فائنل ايئر جو شاگرد طارق شاهاڻي آخري سال ۾ فيل به ٿيو ھو، جي ايم سي جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر ذالفقار علي سومرو جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي ٽئين لھر سبب اختيارين جي هدايتن تي ڪاليج ۾ تدريسي عمل بند ڪري شاگردن توڙي شاگردياڻين کان ھاسٽل خالي ڪرائي ھئي، پر نوجوان ڊاڪٽر سيڪيورٽي گارڊ کي پنھنجو سامان کڻڻ جو بھانو ڪري ڪاليج جي ھاسٽل پھتو ھو، جنھن جو ڦاھو کاڌل لاش ھٿ آيو آھي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو چوڻ آهي ته پوليس معامري جي جاچ ڪري رهي آهي ته خودڪشي يا قتل آهي، زميني حقيقتن مان خودڪشي لڳي پئي، پر ان باجود گهڻ رخي جاچ جاري آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ ۽ جاچ رپورٽ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو. ٻئي طرف ڊاڪٽر طارق شاهاڻي جي هاسٽل مان مليل لاش وٽان نوجوان جو مبينا لکيل خط پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته منهنجو نه موبائل کولجو ۽ نه تحقيق ڪجو، مان پنھنجي ھوش حواس سان خودڪشي ڪريان پيو، مان پنھنجي تڪليف اندر ۾ سانڍي پيو وڃان، ڀاءُ غضنفر مان تنھنجو خواب پورو نه ڪري سگھندس، خط ۾ پنهنجي امڙ سان محبت جو اظهار ڪندي امي آءِ لو يو به لکيو ويو.