ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڇوڏاهو چوڪي ڀرسان درگاهه پير ڪٽبر وٽان سول اسپتال خيرپور جي ويڪسينيٽر محمد نواز اڄڻ جو لاش هٿ آيو آهي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي پهچايو، جتان وارث کڻائي ويا. وارثن احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، محمد نواز سول اسپتال خيرپور ڏانهن ڊيوٽي لاءِ گهران نڪتو هو، شام جو پوليس اطلاع ڪيو ته اوهان جي همراه جو لاش مليو آهي، شڪ آهي ته اسان جي نوجوان کي ڪنهن سازش تحت زهر ڏيئي قتل ڪيو آهي . پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي واري جاءِ کان ڪجهه فاصلي تي ڳوٺ پڻ آهي، فوتي شخص جي 125 موٽر سائيڪل به واقعي واري هنڌ بيٺل هئي، جيڪا وارثن حوالي ڪئي، وڌيڪ لاءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد سڄي حقيقت معلوم ٿي ويندي.