ڏهرڪي(ن پ ا ) ڳوٺ عبدالمجيد سميجو جي رهواسي منصور سميجو صحافين آڏو احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي زال نسيم کي ويم لاءِ ڏهرڪي الخدمت اسپتال وٺي ويس جتي ويم کانپوءِ ڊاڪٽرياڻي سنيتا گهر هلي ويئي، زال جي طبيعت خراب ٿي ويئي، گهڻو رت وهڻ ڪري حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، جنهن کانپوءِ اسپتال انتظاميه رحيم يار ريفر ڪري ڇڏيو، جتي ٽن ڏينهن تائين زال کي وينٽيلٽر تي رکيو ويو، جيڪا فوت ٿي آھي، اسپتال انتظاميه خلاف ٻه ڏينهن اڳ ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي ھئي، جيڪڏهن پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ته عدالت ويندس.