ماڌوري مداحن کي خوبصورتيءَ جو راز ٻڌائي ڇڏيو

0
252

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڊاسنگ ڪوئين ماڌوري ڊڪشت مداحن کي پنهنجي خوبصورتيءَ جو راز ٻڌائي ڇڏيو.ماڌوري ڊڪشت سوشل ميڊيا تي پنهنجون تصويرون ۽ ويڊيوز شيئر ڪري مداحن سان جڙيل رهندي آهي، تازو هن انسٽاگرام تي ناريل سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ لکيائين ته ناريل جو پاڻي منهنجي روز جي زندگيءَ جو حصو رهيو آهي

اداڪارا چيو ته ناريل جو پاڻي ذهني دٻاءُ گهٽ ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪندو آهي، منهنجي جلد کي چمڪيلو بڻائيندو آهي ۽ مون کي صحتمند رکندو آهي.واضح رهي ته ماڌروي ڊڪشت تي آخري ڀيرو فلم ”ڪلنڪ“ ۾ وڏي پردي تي ڏٺو ويو هو، جڏهن ته اڄڪلهه هوءَ هڪ مشهور ڊانس ريئلٽي شو ۾ جج طور فرض انجام ڏئي رهي آهي.