دعا چوڌري ٿاڻي تان ٻن ساٿين کي ڇڏائي ورتو

0
183
دعا چوڌري ٿاڻي تان

لاهور(شوبز نيوز)لاهور ۾ اسٽيج اداڪارا دعا چوڌري ساٿين عورتن سان گڏجي گرين ٽاڻي تي ڪاهه ڪري پنهنجي ٻن ساٿين کي پوليس وٽان ڇڏائي وئي.پوليس موجب گذريل رات گرين ٽائون ۾ اسٽيج اداڪارا دعا چوڌري جي گهر ۾ سالگرا پارٽي ۾ هُل هنگامي جو اطلاع مليو هو، شڪايت تي پوليس پهتي ته دعا چوڌري ۽ اتي موجود ماڻهن اهڪارن سان منهن ماري ڪئي

پوليس ٻن ماڻهن عدنان ۽ عبدالله کي پڪڙي ٿاڻي تي آندو هو، ٿوري دير کانپوءِ دعا چوڌري ڪجهه عورتن سان گڏجي پهتي ۽ ٻنهي ساٿين تي ٿاڻي تان ڇڏائي وئي.پوليس موجب واقعي خلاف 7 عورتن سميت 10 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر موجب دعا، فضا، ڪائنات، سحر ۽ انهن جي ٻن ساٿين ٿاڻي تي ڪاهه ڪئي ۽ ٻن ساٿين کي پوليس وٽان ڇڏائي ويون.