شهيد ناظم جوکيو جَي ڀاءُ افضل جوکيو 164 وارو بيان واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
551
شهيد ناظم جوکيو جَي ڀاءُ
شهيد ناظم جوکيو جَي ڀاءُ افضل جوکيو 164 وارو بيان واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

….شهيد ناظم جوکيو جَي ڀاءُ افضل جوکيو 164 وارو بيان واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي افضل جوکيو چيو ته، منهنجِي ماءُ جِي طبيعت تمام خراب آهي، جنهن چيو آهي ته، ڪنهن کي به بخش ناهي ڪرڻو آهي، تنهنڪري هاڻي سمورن قاتلن کي ڦاهي تي چاڙهڻ تائين ڪيس وڙهندس، چڱن مڙسن جَي چوڻ تي 164 جو بيان ڏئي ڄام عبدالڪريم کي ڪيس مان آجو قرار ڏنو هو، وڪيل محمد خان شيخ افضل جَي فيصلي کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته، اڃا به ڪيس ۾ دم آهي، جيڪڏهن افضل مڙس ماڻهو ٿي ڪيس وڙهندو ته شهيد ناظم جَي خون سان انصاف ٿي سگهي ٿو

ھي وڊيو بھ ڏسندا