ماهره خان جي پاڪستان جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل سان تصوير وائرل

0
618
ماهره خان جي پاڪستان جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل سان تصوير وائرل
ماهره خان جي پاڪستان جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل سان تصوير وائرل

ڪراچي(م ڊ) مشهور اداڪاره ماهره خان جي پاڪستان جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر سان گڏ ورتل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

نگار جوهر جي زندگي تي ٺاهي ويندڙ ٽيلي فلم ” ایڪ ہے نگار“ جو آفيشل ٽريلر ڪجهه ڏينهن اڳ جاري ڪيو ويو آهي، فلم ۾ ماهره خان نگار جوهر سان ڪردار ۾ نظر اچي رهي آهي.

فلم جو ٽريلر آءِ ايس پي آر پنهنجي يو ٽيوب چينل تي 16 آڪٽوبر تي شيئر ڪيو جنهن ۾ ماهره سميت ادڪار بلال اشرف ۽ ٻيا ڏسڻ ۾ آيا.

ٽيلي فلم ۾ ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر جي ڪيريئر ۾ پيش ايندڙ مسئلن ۽ ڪاميابين کي ڏيکاريندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي.

”’ایڪ ہے نگار“  جي رائٽر عميره آهي جڏهن ته هن جو هدايتڪار عدنان سرور آهي.

ٽيلي فلم نينا ڪاشف ۽ ماهره خان جي پروڊڪشن ڪمپني سلفري فلمز جي بينر هيٺ 23 آڪٽوبر تي نجي ٽي وي تي ريليز ڪئي ويندي.