عمان(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ميلو شروع ٿيڻ کانپوءِ پهرين ڏينهن 2 ميچز جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ وڌيڪ ٻن ميچز جو فيصلو ٿيندو. گڏيل عرب امارات ۽ عمان ۾ شروع ٿيل ايونٽ ۾ اڄ اڄ وڌيڪ ٻن ميچز جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ آئرلينڊ ۽ نيڌر لينڊ وچ ۾ عمان ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ شام ستين وڳي سريلنڪا ۽ نميبيا وچ ۾ کيڏي ويندي، ان حوالي سان ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۽ ڪاميابي لاءِ پرعزم آهن.