ڦلجي اسٽيشن(ن پ ا)ڦلجي ۾ استاد عبدالقادر ڏهوٽ جي ياد ۾ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، جنهن ۾ 15 ٽيمن حصو ورتو، مهراڻ اليون، چودڳي، سچارو، پاٽ شريف، موندر، قلندري، دادو، ريٽي پنهور، پيارو ڳوٺ، ڪنڊي، کوسا، برهماڻي، سيتا، پيارو خان آرائين اليون شامل آهن. ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل قلندري اليون ۽ مهراڻ ڪلب ۾ ٿيو، جنهن ۾ مهراڻ اليون 130 رنسون ٺاهيون، قلندري اليون 86 رنز ٺاهي سگهي، فائنل چودڳي اليون ۽ مهراڻ ڪلب ۾ ٿيو، مهراڻ ڪلب 82 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ چودڳي الوين ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو.