ماهرا خان ڀارتي فلم فيسٽيول ۾ بهترين اداڪارا قرار

0
296
ماهرا خان جلد ٽي وي ڊرامي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي
ماهرا خان جلد ٽي وي ڊرامي ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي

دهلي(شوبز نيوز) ماهران خان جي مختصر فلم ”پرنس چارمنگ“۾ شاندار اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ تي اداڪارا کي ڀارتي فلم فيسٽيول ۾ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ مليو

پاڪستان جي سڀ کان وڏي سپراسٽار ماهرا خان تازو نئين دهلي ۾ منعقد ٿيڻ واري ”انڊس ويلي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول“ ۾ پنهنجي شارٽ فلم ”پرنس چارمنگ“ لاءِ بهترين اداڪارا جو ايوارڊ ماڻي ورتو آهي

ان مختصر فلم کي گذريل سال پاڪستاني سپر اسٽارشهريارمنور لکيو جنهن ۾ ماهرا خان پهريون ڀيرو اداڪار زاهد احمد سان گڏ نظر آئي

پرنس چارمنگ کي مختلف ۽ تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن جي ڪهاڻي شادي کانپوءِ ڊپريشن تي هئي جيڪو جديد دور جو اهم مسئلو آهي. ماهرا خان چيو ته ”هي ايوارڊ انهن سمورين عورتن جي نالي آهي جيڪي شادي کانپوءِ ڊپريشن جو شڪار ٿينديون آهن ۽ خاموشي سان برداشت ڪنديون آهن