دنيا ۾ سڀ کان وڏا پير رکندڙ آمريڪي عورت

0
504
دنيا ۾ سڀ کان وڏا پير

واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) دنيا جا سڀ کان وڏا پير رکندڙ عورت جو رڪارڊ هڪ آمريڪي عورت جي نالي ڪيو ويو آهي. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ آمريڪي شهر هيوسٽن ۾ رهندڙ تانيا جو نالو سڀ کان وڏا پير رکندڙ حيات عورت جي طور تي شامل ڪيو ويو آهي

6 فٽ 9 انچ قد رکندڙ تانيا هربرٽ جي کاٻي پير جي ڊيگهه 13.03 انچ جڏهن ته ساڄي پير جي ڊيگهه 12.79 انچ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هن وقت دنيا جي سڀ کان ڊگهي قد جو رڪارڊ ترڪي جي روميسا گلگي وٽ آهي، جنهن جو قد 7 سٽ ۽ 0.7 انچ آهي. تانيا جو قد روميسا کان رڳو 3 انچ گهٽ آهي

تانيا هربرٽ عورتن جا 18 نمبر يا مردن جا 16-17 نمبرن جا جوتا پائيندي آهي. آمريڪي عورت جو چوڻ آهي ته کيس عام دڪانن کان پنهنجي سائز جون جتيون ناهن ملنديون، ان لاءِ کيس آنلائن خريد ڪرڻا پوندا آهن. تانيا هربرٽ جو چوڻ آهي ته وڏن پيرن واريون عورتون کيس جتين جي چونڊ جي حوالي سان ڪيترائي ڪارائتا مشورا ڏنا آهن، جنهن تي عمل ڪري جتيون خريد ڪندي آهي ۽ پوءِ پنهنجي ضرورت موجب ٺاهيندي آهي