ماهرا خان جي ڪري گاريون مليون: علي عباس

0
223
ماهرا خان جي ڪري

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي اداڪار علي عباس انڪشاف ڪيو آهي ته ماهرا خان جي ڪري هو سوشل ميڊيا تي واهپيدارن جي تبصرن ۾ اچي ويو هو

اداڪار علي عباس هڪ ويب شو ۾ شريڪ ٿيو جتي سوالن جا جواب ڏيندي هن ٻڌايو ته ماهرا خان جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ سندس مٿي تي رئو نه هو، ان تصوير کي ماڻهن تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا هئا ته مون تبصرو ڪندي چيو ته هوءَ رئو ناهي پائي رهي ته اوهان ڏسڻ بند ڪيو.علي عباس چيو ته منهنجي ان ڪمينٽ تي مون کي گھڻيون گاريون مليون هيون.