لتا منگيشڪر جي حالت ڳڻتي جوڳي، دعائن جي اپيل

0
202
لتا منگيشڪر جي

نئين دهلي (شوبز نيوز) جڳ مشهور ڀارتي ڳائڻي لتا منگيشڪر ڪورونا ۽ نمونيا جي ڪري ممبئي اسپتال جي انتهائي ڳڻتي جوڳي واري وارڊ ۾ داخل آهي.ڀارتي ميڊيا موجب لتا منگيشڪر جي بيماري جي حوالي سان تازا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن ته ڳائڻي جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر سندس صحتيابي لاءِ مداحن کان دعائن جي اپيل ڪئي آهي

رپورٽن موجب ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته لتا اڃا تائين آءِ سي يو ۾ آهي، جڏهن ته هو پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هوءَ جلد صحتياب ٿي وڃي، تنهن لاءِ کيس دعا ڪئي وڃي.