مانجھند ڀرسان منظورآباد هاءِ ٽرانسميشن جو ٿنبو ڌماڪي سان ڪري پيو

0
270
مانجھند ڀرسان منظورآباد

ڄامشورو/ مانجهند (نمائندن وٽان) مانجھند ڀرسان منظورآباد هاءِ ٽرانسميشن جو ٿنبو ڌماڪي سان ڪري پيو ، منظورآباد هاءِ ٽرانسميشن  جو ٿنبو ڌماڪي سان ڪري پيو،  بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي

کاڻوٺ ٿاڻي جي حد ۾ اين ٽي ڊي  سي جي 500 ڪي وي جو ٿنڀو  ڌماڪي سان ڪِري پيو، هاءِ ٽرانسميشن جو ٿنڀو ڪرڻ بعد  پوليس جي وڏي نفري واقعي  واري هنڌ پهچي وئي

ايس ايس پي ڄامشورو موجب لوهيون پٽيون چوري ڪرڻ دوران ٿنڀو  ڪِري پيو، پوليس رڪشا هٿ ڪري  ورتو آهي، ڪو به ڌماڪو ناهي ٿيو، ٿنڀو لوهيون  پٽيون چوري ٿيڻ سبب ڪِري پيو  آهي

هي به پڙهندا

ڪوٽڙي ۾ شهيد اهلڪار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو