فواد چوڌري جي بازيابي ڪيس: عدالت آءِ جي پنجاب ۽ اسلام آباد کي طلب ڪري ورتو

0
217

فواد چوہدری کی بازیابی کا کیس: عدالت نے آئی جی پنجاب اور اسلام آباد کو فوری طلب کر لیا

لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور عدالت طرفان فواد چوڌري کي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، فواد چوڌري جي بازيابي ڪيس ۾ عدالت آءِ جي پنجاب ۽ اسلام آباد کي طلب ڪري ورتو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي، عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته فواد چوڌري ڪٿي آهي؟ سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فواد چوڌري کي اسلام آباد نيو پيو وڃي

عدالت حڪم جاري ڪندي چيو ته فواد چوڌري ڪٿي به آهي، کيس فوري طور تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، عدالت آءِ جي پنجاب ۽ آءِ جي اسلام آباد کي شام 6 وڳي طلب ڪري ورتو

سروسز اسپتال لاهور فواد چوڌري کي ذهني دٻاءُ جو شڪار قرار ڏئي ڇڏيو

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي گرفتاري عدالت ۾ پيش ڪيوو يو، عدالت ان جي طبي معائني جو حڪم ڏنو

لاهور جي سروسز اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو طبي معائنو ڪيو

اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري طبي طور تي نارمل آهي ۽ سفر ڪري سگهي ٿو

ميڊيڪل بورڊ جي ذريعن موجب فواد چوڌري جو بلڊ شوگر 183 آهي جيڪو معمول کان وڌيڪ آهي ۽ ان جو بلڊ پريشر 160 آهي، ان جي جسم تي تشدد جو ظاهري طور تي نشان ناهي

اسپتال جي ذريعن ٻڌايو ته سروسز اسپتال جي نفسياتي ماهر به فواد چوڌري جو چيڪ اپ ڪيو ۽ انڪشاف ٿيو آهي ته فواد چوڌري نفسياتي دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ ذهني دٻاءُ جون دوائون استعمال ڪري رهيو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري راهداري رمانڊ بعد لاهور کان اسلام آباد ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، لاهور ٽول پلازا وٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب ۽ ٻين ڪارڪنن طرفان فواد چوڌري کي کڻي ويندڙ گاڏيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اهلڪار هٿين پئجي ويا، پوليس ڪارڪنن کي ڌڪا ڏئي فواد چوڌري کي کڻي اسلام آباد ڏانهن رواني ٿي وئي، فواد چوڌري جو لاهور عدالت مان راهداري رمانڊ منظور ٿيڻ بعد سندس طبي معائنو به ڪرايو ويو

طبي معائني ۾ فواد چوڌري جي اي سي جي، شگر ۽ بلڊ پريشر نارمل قرار، فواد چوڌري کي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد جي درخواست تي گذريل رات سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو هو

فواد چوڌري چيو آهي ته نيلسن منڊيلا کي به اهڙي ئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، جيڪو مون مٿان داخل ڪيو ويو آهي، مونکي اُن تي فخر آهي، منهنجي پويان ايتري ته پوليس لڳائي وئي، ڄڻ مان ڪو جيمز بانڊ هجان، مان ڊڄڻ وارو ناهيان، فون ئي ڪري گهرائي وٺن ها ته هليو اچان ها

هي به پڙهندا

منهنجي پويان پوليس ايئن لڳائي وئي، ڄڻ ڪو مان جيمز بانڊ هجان: فواد چوڌري

فواد چوڌري جي گرفتاري: عمران خان جون پارٽي اڳواڻن کي هدايتون، اڄ پريس ڪانفرنس جو اعلان